شيخ رشيد جو ڀائٽيو راشد شفيق جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

 

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) جڊيشل مئجسٽريٽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ڀائٽي راشد شفيق کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

پوليس جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي شيخ راشد شفيق کي اٽڪ جي ڊيوٽي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت پڇيو ته شيخ راشد شفيق جي موبائل فون هٿ ڇو نه ڪئي وئي؟ ان تي پوليس ٻڌايو ته راشد شفيق جي موبائل فون سعودي عرب ۾ رهجي وئي.

عدالت پوليس کي موبائل جو آءِ ايم اي آءِ نمبر ٽريس ڪري موبائل فون عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران پوليس راشد شفيق جي وڌيڪ رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ ڪيس جو رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي به پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پوليس جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل کي رد ڪري جوابدار کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.