سرهاڙي ويجهو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب 30 گهر سڙي رک

سرهاڙي ويجهو ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 30 گهر سڙي ويا آهن جڏهن ته متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ڌڻي پرتو زرداري ۾ ڪچري کي ڏنل باهه تيز هوا گهلڻ سبب ڀڙڪي پئي ۽ گهرن کي وڪوڙي ورتائين. باهه لڳڻ سبب ڪلهوڙا ۽ خاصخيلي برادري جا 30 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا جن ۾ پيل گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ٽي ڍور پڻ زخمي ٿي پيا. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطي جون ڪوششون جاري رکيون جڏهن ته فائر بريگيڊ جي گاڏي ٻن ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو. متاثر ڳوٺاڻن ۾ رباب، گلشير، ولي محمد، مشرف علي، شاهه محمد، مير محمد، عطا محمد، ممتاز، آفتاب، شاهنواز، سهراب، خالق ڪلهوڙو، رشيد، امداد، روشن، منظور، ظفرالله ۽ ٻيا شامل آهن. پ پ اڳواڻ بشير جمالي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فقير اقبال سنجراڻي متاثرن وٽ پهچي کين هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. آخر تائين متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا جن واهر جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.