تيستائين عيد نه ملهائينديس جيستائين….؟

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا زرين خان چيو آهي ته سندس ماءُ اسپتال ۾ داخل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن عيد نه ملهائي آهي، جڏهن سندس والده ڊسچارج ٿي ويندي ته پوءِ هوءَ عيد جون خوشيون ملهائيندي.

هڪ انٽرويو ۾ ڀارتي اداڪارا جو چوڻ هو ته مان ڪيئن عيد ملهائي سگهان ٿي، جڏهن منهنجي ماءُ آءِ سي يو ۾ آهي، جڏهن هو اسان وٽ موجود ناهي ته مان پنهنجي گهر ۾ عيد ڪيئن ملهايان؟

زرين خان چيو ته منهنجي زندگي پنهنجي ماءُ سان سلهاڙيل آهي ۽ اها ئي منهنجي دنيا آهي، جڏهن اها صحتياب ٿي گهر اچي ويندي ته منهنجي عيد ٿيندي.

ياد رهي ته زرين خان جو عيد وارو گانو تازو ئي رليز ٿيو آهي، جنهن کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.