ضمانتن تي ٺهندڙ حڪومت جا جلد پير نڪري ويندا: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ضمانتن تي ٺهندڙ حڪومت جا پير ناهن، انهن جا پير جلد نڪري ويندا.

هڪ بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته اهي جتان آيا، اتي ئي ويندا، پنجاب ۾ 25 باغي ميمبرن جي ريفرنس ۾ نااهلي ڀت تي لکيل آهي.

هن چيو ته باغي ميمبرن جي ڏڍ تي ٺهيل حڪومت ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ضمير کپائيندڙن کي جلد کان جلد نااهل ڪندي.

سندس چوڻ هو ته ٻاهرين سازش ۽ مداخلت سان ٺهندڙ حڪومت جو مستقبل ناهي، سازش ۽ مداخلت جو اعتراف آمريڪا مان به سامهون اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.