قومي ڪرڪيٽرز طرفان سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد جون مبارڪون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان عيد جي موقعي تي هڪ وديو شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مردن توڙي عورت ڪرڪيٽرز عيد جي حوالي سان قوم لاءِ پيغام رڪارڊ ڪرايا هئا.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته منهنجي ۽ منهنجي ٽيم طرفان اوهان سڀني کي عيد جون مبارڪون، خوش رهو ۽ انجواءِ ڪريو.

محمد رضوان چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر جيترا به مسلمان آهن، سڀني کي عيد مبارڪ هجي.

عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسما معروف مبارڪ ڏيندي چيو ته مان اميد ڪريان ٿي ته هي عيد اوهان ۽ اوهان جي گهروارن لاءِ سٺي گذري.

حسن علي چيو ته هن عيد تي اوهان جي ڀرپاسي جيڪي ماڻهو آهن، انهن کي به خوشين ۾ شامل ڪريو.

شاهنواز ڏاهاڻي، فواد عالم، حارث رئوف ۽ انعم امين به قوم کي عيد مبارڪ چيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.