اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جڏهن کان وزير ٿيو آهيان 6 ڪلاڪن کان وڌيڪ ناهيان سُتو.
عيد نماز کانپوءِ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته تحريڪ انصاف ڪوڙ ۽ گارگند جي سياست ڪري رهي آهي، عمران خان ملڪ کي تباهي ڪناري پهچايو، ٻڌايو وڃي ته فرح گوگي جي حڪم تي ڪيئن مقرريون ۽ بدليون ٿيون، خبر پئي ته فرح گوگي پرائيويٽ جهازن ۾ ڪيئن گهمندي هئي.
هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن کان وزير ٿيو آهيان 6 ڪلاڪن کان وڌيڪ ناهيان سُتو، محنت ڪري رهيا آهيون، قوم کي جلد خوشخبريون ٻڌائينداسين، مهانگائيءَ تي به جلد ضابطو آڻينداسين.