لاهور (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي محافظن هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون، نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مٺائي به ورهائي.
پاڪستان رينجرز پنجاب ۽ بي ايس ايف انڊيا جي مقامي ڪمانڊرن لاهور، قصور، سيالڪوٽ سميت انٽرنيشنل بارڊر ۽ ورڪنگ بائونڊري جي مختلف هنڌن تي هڪٻئي کي عيد جي خوشي ۾ مٺايون پيش ڪيون.
واهگا بارڊر تي پاڪستان رينجرز پنجاب ۽ بي ايس ايف انڊيا جي اختيارين وچ ۾ مٺائي ۽ تحفن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته ٻنهي فورسز جي اختيارين هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.