يوڪريني صدر ٽين عالمي جنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

 

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي صدر ولودومير زيلنسڪي دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي خدشي کان خبردار ڪري ڇڏيو.

هڪ انٽرويو ۾ يوڪرين جي صدر چيو ته جنگ في الحال يوڪرين تائين محدود آهي ۽ روس منتقل ناهي ٿي.

هن چيو ته يوڪرين جي فوج هيل تائين روس خلاف فوجي ڪارروائين جي شروعات ناهي ڪئي، يوڪريني فوج روس تي قبضي جي خواهش نٿي رکي، اسان جي فوج پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان روسي فوجين جي موجودگي ۽ مولدووا ۾ عليحدگي پسندن کان ڊنل ناهيون، ڇو ته مولدووا ۾ عليحدگي پسند غير تربيت يافته ۽ يوڪريني فوج سان وڙهڻ کان خوفزده آهن.

يوڪريني صدر روسي پرڏيهي وزير طرفان هٽلر جي يهودين سان واسطي هجڻ تي چيو ته سندس بيان مان لڳي ٿو ته روس ٻي عالمي جنگ مان سبق ناهي سکيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.