ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فنڪارن پاران عيد تي مسلمانن کي مبارڪن جا پيغام ڏنا ويا آهن.
سڄي دنيا ۾ مسلمان عيد خوشي سان ملهائي رهيا آهن، فنڪار برادري به مداحن ۽ مسلمانن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن.
اداڪارا اقرا عزيز ۽ ياسر حسين پنهنجي پٽ ڪبير حسين سان گڏ انسٽاگرام تي خوبصورت تصويرون شيئر ڪندي سڀني کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.
View this post on Instagram
اداڪارا عائزا خان ۽ سندس مڙس دانش تيمور پنهنجي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽس تي خوبصورت وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ سندن ٻار عيد تي حرڪتون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ وڊيو سان گڏوگڏ ٻنهي سڀني کي عيد جي مبارڪ ڏني.
View this post on Instagram
اداڪارا سارا خان به مڙس فلڪ شبير سان خوبصورت تصويرون شيئر ڪري سڀني کي عيد مبارڪون ڏنيون.
View this post on Instagram