آرمي چيف ايل او سي تي فوجي جوانن سان گڏ عيد ملهائي

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائن آف ڪنٽرول تي مٿين مورچن تي مقرر فوجي جوانن سان عيد ملهائي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايل او سي تي ڊنگي ۽ ڪوٽلي ۾ جوانن سان گڏ عيد ملهائي.

پاڪ فوج جي سربراهه فوجين سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي، امن ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون گهريون.

آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي جوانن سان خطاب ڪندي آرمي چيف پرامن پاڪستان لاءِ سڀني شهيدن ۽ سندن پونئيرن کي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.