گذريل حڪومت معيشت تباهه ڪئي، پاڪستان کي ٻيهر عظيم ملڪ بڻائينداسين: وزيراعظم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ شديد ترين معاشي خطرا آهن.

جاتي امرا ۾ عيد نماز پڙهڻ کانپوءِ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت کي ملڪ جي معاشي حالتن جو اندازو آهي، ڏکيائين تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي حصيدارن جي گڏيل ذميواري آهي، حڪومت ۽ اتحادي گڏجي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

هن چيو ته جلد ئي محنتي قوم سان خطاب ڪندس، گذريل حڪومت ۾ اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، ملڪي معيشت تباهه ڪئي وئي، پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عظيم ملڪ بڻائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.