سموريون ڪمرشل بينڪون عيدالفطر سبب خميس تائين بند رهنديون

فيصل آباد(م ڊ)  اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، اسٽيٽ بئنڪ بينڪنگ سروسز آف پاڪستان، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان سميت سموريون ڪمرشل ۽ شيڊولڊ بئنڪون عيدالفطر  تي 5 مئي خميس ڏينهن تائين بند رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان فيصل آباد جي ترجمان ٻڌايو ته وفاقي حڪومت طرفان عيدالفطر تي 5 مئي خميس تائين موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن سبب بئنڪون به بند رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان سڀني بئنڪن تي واضح ڪيو ويو آهي ته هو مذڪوره عيد جي موڪلن دوران بئنڪن جي کاتيدارن  جي عيد جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ پنهنجون سمورين اي ٽي ايم مشينن کي نه صرف مڪمل طور فنڪشنل رکن بلڪه انهن ۾ ڪرنسي وڏي مقدار ۾ اسٽاڪ به ڪن  ته جيئن عيدالفطر جي موڪلن دوران عوام الناس کي پنهنجي رقم جي وصولي ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪل يا پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.