قمبر مان اغوا ٿيل نوجوان آزاد نه ٿيو، ڀنگ طلب، وارثن جو لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر تعلقي جي ويجهو خيرپور جوسو ڀرسان ڳوٺ فتي بلاول ٻلهڙا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارن هفتو اڳ مبينا طور عورتاڻي آواز تان هرکجي اغوا ٿي ويل 6 ٻارن جي پورهيت پيءُ محمد حسن ملهو جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن پورهيت جي تصوير هٿن ۾ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. جنهن دوران ڌاڙيلن پورهيت جي وارثن سان فون ذريعي رابطو ڪري کين پورهيت جي آزاديءَ لاءِ ڀنگ طلب ڪئي جنهن تي وارث زارون قطار روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي پورهيت جي ڀائرن غلام شبير، امام الدين، پٽ امير علي، سفير علي، گهر واري مائي ڪوڙي، امام زادي، ڌيئرن شازيه ۽ نائلا ميڊيا سان گڏجي چيو ته محمد حسن مختلف وقتن تي ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، قمبر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن سميت ٻين شهرن جي فائيو اسٽار ۽ وڏن هوٽلن تي پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي جيڪو گذريل 21 رمضان شريف جي ڏينهن صبح سوير پنهنجي ڪپڙن جا 2 جوڙا کڻي پورهئي لاءِ گهران نڪتو ۽ بعد ۾ ٽن ڏينهن تائين گهر نه موٽيو ان دوران سندس موبائيل فون بند هئي ۽ ٽي ڏينهن اڳ سندس موبائيل فون تان فون آئي جنهن ذريعي ڪجهه ماڻهن محمد حسن ملهو جي آزاديءَ لاءِ 20 لک روپيا ڀنگ طلب ڪئي ڀنگ جا پئسا نه ڏيڻ تي کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون بعد ۾ اسان اهڙي دانهن کڻي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي آفيس پهتاسين جتي نمبر ٽريس ڪرڻ تي انهن غوث پور جو لوڪيشن ٻڌائي وڌيڪ ڪاروائي نه ڪئي. هنن چيو ته سڀاڻي عيد آهي ۽ اسان جو وارث محمد حسن ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي چنبي ۾ آهي ۽ پوليس مدد نه پئي ڪري جنهن ڪري سندس حياتي کي خطرو آهي ان لاءِ اسين سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته محمد حسن ملهو کي بازياب ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.