شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي ڪويتي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات

مڪه مڪرمه (م ڊ)  خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ڪويت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مرزوق بن علي الغانم ملاقات ڪئي آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مڪه مڪرمه جي قصر الصفا پيلس ۾ خادم الحرمين الشريفين  سان ڪويتي قومي اسيمبلي جي ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي گڏيل لاڳاپن سميت عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. الصفا پيلس ۾ ايندڙ مهمانن جو استقبال شهزاده فيصل بن ترڪي بن عبدالله، خادم الحرمين الشريفين جي مشير ۽ گورنر مڪه مڪرمه شهزاده خالد الفيصل ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن ڪيو. ان موقعي تي علما ڪميٽي جا ميمبر ۽شاهي ايوان جا مشير، مسجد الحرام جو امام و خطيب ڊاڪٽر شيخ صالح بن عبدالله بن حميد، حرمين اداري جي معاملن واري سربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان بن عبدالعزيز السديس ۽ شاهي ايوان جا صلاحڪار، علما ڪميٽي جا ميمبر ۽ دارالافتاح شيخ ڊاڪٽر سعد بن ناصر الشزي ۽ مسجد الحرام جي ٻين علما ڪرام به خادم الحرمين الشريفين سان ملاقات ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.