گڏاپ (رپورٽر) پپري جي سماجي اڳواڻ امان الله قريشي جي والد محمد هاشم قريشي جو ٽيجهو، سياسي سماجي اڳواڻن سميت جماعت اصلاح المسلمين ۽ روحاني طلبا جماعت ملير جي عهديدارن ۽ سڄڻ سائين جي خلفاء ڪرام توڙي شهرين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، خبر موجب پپري جي سماجي اڳواڻ امان الله قريشي ۽ وحيد قريشي جي والد محمد هاشم قريشي جو ٽيجهو ٿيو جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، جماعت اصلاح المسلمين ۽ روحاني طلبا جماعت ملير جي عهديدارن ۽ سڄڻ سائين جي خلفاء ڪرام علاما مولانا مطيع الله قريشي، مولانا ناصر احمد پٺاڻ، اسلم قريشي، فاروق امان، پپري سوشل فورم جي اڳواڻ آغا آصف علي سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ٽيجهي جي رسم ۾ قرَآن خواني بعد مرحوم محمد هاشم قريشي جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ دعا گهري وئي.