ميان صاحب لڳ ٻڪريون چوري ڪندڙ چور سوگھو

ميان صاحب/سلطان ڪوٽ  (نمائندا ) همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڏيو سڌايو ڀرسان نامعلوم موٽرسائيڪل چور زمين وٽان ڳوٺاڻي علي مردان کوسو جون 2 ٻڪريون چورائي کڻي ويا ڳوٺاڻن سندن پيڇو ڪري ٻن مبينا جوابدارن کي سوگهو ڪري ورتو جن کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو جن جي سڃاڻپ مور ۽ عرفان عيساڻي طور ٿي آهي همايون پوليس موجب ڳوٺاڻن ٻن شڪي چورن کي سوگهو ڪري اسان جي حوالي ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون هوڏانهن ٿاڻي تي لاڪ اپ مبينا جوابدارن ٻڌايو ته اسان جون ٻڪريون گم هيون اسان اهي ڳولهي رهيا هئا سون ته ڳوٺاڻن تشدد ڪري پڪڙيو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.