سگا جي مرڪزي اڳواڻن پاران امداد حسينيءَ جي عيادت

ڪراچي ( پ ر )  سگا جي مرڪزي اڳواڻن پاران امداد حسينيءَ جي عيادت ڪئي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻن ولي محمد روشن سيڪريٽري جنرل ۽ پروفيسر محمد سليم ميمڻ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج ھيٺ برک نامياري شاعر امداد حسيني جي عيادت ڪئي جيڪو ڪجه ڏينهن کان علاج ھيٺ آهي. وفد کيس گلدستو پيش ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابئ لاء نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سندس گهرواري ڊاڪٽر سحر امداد ۽ سندس نياڻي به موجود هئا جن ٻڌايو ته امداد صاحب جي صحت ۾ سٺو ۽ گهڻو سڌارو آيو آهي ۽ کين اڄ گهر وڃڻ جي جي اجازت ملي ويندي. جنهن کان پوء هو گهر تي آرام ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.