ملير پوليس جو ڇاپو، منشيات فروش گرفتار

ملير (ڊ ر) ضلع ملير پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪاروائي، ڪورنگي روڊ تان هڪ منشيات فروش گرفتار، جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ، گرفتار جوابدار هن کان اڳ به گٽڪا ماوا وڪرو ڪرڻ جي ٻن ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، پوليس ترجمان، خبر موجب ٿاڻي شرافي ڳوٺ پوليس جو ڪورنگي روڊ تي اچانڪ ڇاپو، ڇاپي دوران هڪ عادي منشيات فروش مبين ولد اقبال کي گرفتار ڪري وٽان هڪ ڪلو 120 گرام چرس هٿ ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد بهادر صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار منشيات فروش عادي ڏوهاري آهي جيڪو هن کان اڳ به گٽڪا ماوا وڪرو ڪرڻ جي ٻن ڪيس ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي، هن چيو ته ضلع ملير پوليس جون منشيات فروشن ۽ ٻين ڏوهارين خلاف ڪاروائيون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.