مانجهند (ن ع آ) سن ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ گذريل 2 ڏينهن اڳ زهريلو شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل نوجوان شير محمد سولنگي جون خبرون ميڊيا ۾ ھلڻ تي ڊي آء جي حيدرآباد نوٽيس ورتو جنهن جي هدايت تي اسپيشل ٽيم ڊي ايس پي آمري جي نگراني ۾ سن شھر جي مختلف منشيات جي اڏن تي ڇاپا هڻي امجد علي شاه شاهد شاه ثاقب شاه کي گرفتار ڪري سوين ليٽر ڪچو شراب ان جي ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سميت وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي پوليس موجب جوابدارن تي سرڪار جي مديعت ۾ منشيات ايڪٽ تحت وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.