مومل ماڙي لڳ مال جي واڙي کي باهه، سامان سڙي رک

گهوٽڪي ( ڊ ر ) ماٿيلو مومل جي ماڙي گهوٽڪي لڳ ڳوٺ ولو مهر ۾ علي رضا مهر ۽ عزيز الله مهر جي گهرن ۽ مال جي واڙي کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ۾ سندن گهريلو سامان ۽ چوپايو مال سڙي ويو، متاثرين جي سهائتا لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن گهوٽڪي جو وفد ڳوٺ ولو مهر پهچي باهه واري هنڌ جو معائنو ڪيو، ڳوٺاڻن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ۽ ڪپڙا امداد طور ورهايا. ان موقعي تي وفد ۾ شامل سگا گهوٽڪي  جي صدر آغا محمد بلاول پٺاڻ، نائب صدر ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ،جنرل سيڪريٽري عبدالرئوف دايو، سيد علي رضا شاهه ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي ۽ چيئرمئن روشن تارا اسڪول گهوٽڪي ۽ الهورايو بوزدار ميمبر بي ايم سي سگا گهوٽڪي متاثر ڳوٺاڻن کي سگا گهوٽڪي طرفان وڌيڪ سهڪار جي پڻ خاطري ڪرائي، سگا جي اڳواڻن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته متاثر ڳوٺاڻن جي هنگامي بنيادن تي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سگهن ۽ پنهنجا اجھا قائم ڪري سگهن، انهيءَ موقعي تي رينجرز جي جوانن پڻ پنهنجي طرفان ڳوٺاڻن جي هر ممڪن مدد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.