ٿرڪول ڪمپنين خلاف ڊي سي کي درخواست

اسلام ڪوٽ(رپورٽ)ٿرڪول بلاڪ ون  پاور پلانٽ ويجهو قائم ڳوٺ ڀاوي جو تڙ جي رهواسين پاران اسڪريپ جا ٺيڪا من پسندن کي ڏيڻ خلاف لکت ۾ ڊي سي ٿرپارڪر کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي،ڳوٺ ڀاوي جي تڙ جي رهواسين سيد برادري،جوڻيجا،خاصخيلي ۽ ڀيل برادري جي متاثرين دلدار حسين شاھ،الهڏنو خاصخيلي،عبداللّٰه جوڻيجو،راجو ڀيل ۽ ٻين پاران ٺيڪن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف 7 ڏينهن به احتجاجي  مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ٽي سي بي ڪمپني اسڪريپ،پاڻي سپلاءِ ۽ ڪاٺين جا ٺيڪا غيرقانوني طريقي سان رشوت عيوض من پسند ماڻهن کي ڏئي رهي آهي،اسان پاور پلانٽ جا متاثر آهيون،زمينون ۽ گئوچر اسان کان کسيا ويا،روزگار اسان کان کسيو ويو،پر ٺيڪن ۾ به مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي،ڪمپني عملدار پنهنجي ملي ڀڳت عيوض اسڪريپ جا ٺيڪا من پسندن کي ڏئي رهيا آهن،اسين دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون،ڪير دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي،گهر ۽ زمينون اسان جون متاثر ٿيون آهن،روزگار اسان کان کسيو ويو آهي،روزگار ۾ اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي،ٺيڪا اسان کي نه ڏنا ويا ته بلاڪ ون جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.