محرابپور پوليس جو ڪارنامو، عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش

محرابپور ( ن ع آ ) محرابپور  پوليس اھلڪارن جي چوري واري  وڊيو وائرل ٿيڻ ۽  اخبار ۾ خبر شايع ٿيڻ کان پوءِ  جنھن ۾ پوليس اھلڪار موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي رھيا آھن   سي سي ٽي ڪيمرا ۾ پوليس پاران موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي  شيشن جج نوشھروفيرو ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو  ايس ايڇ او محرابپور کي شيشن ڪورٽ جي جج جو نوٽيس ملڻ کان پوءِ ايڇ او محرابپور قربان علي ڪلوڙ جو نئون ڪارنامو ڪورٽ سڳوري ۾ چوري ٿيل موٽر سائيڪل جي مالڪ احسان ميتلو کي پيش ڪرڻ بجاءِ ايس ايڇ او پنھنجي ٽائوٽ عامر راجپوت کي پيش ڪري ڪورٽ سڳوري کي گھمراھ ڪري ڇڏيو آھي عامر راجپوت ڪورٽ ۾بيان ڏيندي چيو آھي ته 21 رمضان تي منھنجي موٽر سائينڪل مسجد ٻاھران بيٺي ھئي جيڪا مون کي واپس ملي وئي آھي ۽ مان پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ نه ٿو چاھيان عامر راجپوت پاران ڏنل بيان ۾ ڪابه صداقت نه آھي جڏھن ته موٽر سائينڪل مالڪ احسان ميتلو پنھنجي موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ وارو بيان ميڊيا جي ريڪارڊ ۾ موجود آھي ٻئي پاسي محرابپور جي سياسي سماجي شھرين داد خان  غلام اصغر انصاري امداد مڳڻھار واقعي جي تحقيقاتي ٽيم جوڙي صاف شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.