گهوٽڪي ( ڊ ر ) سرحد جي ڳوٺ مينهون مهر ۾ صحافي بابر مهر جي گهر کي اچانڪ باهه لڳي وئي جنهن سبب گهرن ۾ پيل سامان ۽ اناج سڙي رک ٿي ويو، هوڏانهن ڳوٺ رحيم بخش ملهڻ ۾ چئن گهرن کي اچانڪ باهه لڳي وئي جنهن سبب گهرن ۾ پيل اناج ۽ سامان سڙي رک ٿي ويو ان کان علاوه گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال پڻ سڙي مري ويو، باهه جي مڙني واقعن ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي وڃڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا.