سيوهڻ ۾ 2 شاگرد نينگر کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ ويجهو يوسي جھانگارا جي ڳوٺ نگاول مان اھلڪارن پاران نوحاڻي برادري جي 2 شاگردن 11 سالن جي 6 ڪلاس جي شاگرد عرفان ولد راول نوحاڻي ۽ مئٽرڪ پاس شاگرد وزير ولد ڪريم داد نوحاڻي 4 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪرڻ خلاف متاثر نوحاڻي برادري جي ڳوٺاڻن  سيوھڻ پھچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جڏھن ته کنڀجي ويل شاگرد عرفان نوحاڻي جي والد راول نوحاڻي, بشير نوحاڻي، غفار، عبدالرشيد، الھ بخش، مجيب الرحمان، نصرالله نوحاڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ شب قدر واري 27 رمضان جي رات جي وقت سول وردي ۾ ٻٽ ٻڌل ڳجھن ادارن جي اھلڪارن پوليس جي مدد اسان جي ڳوٺ ۾ داخل ٿي گھرن مٿان چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪيو جنهن بعد ھنن ٻن سئوٽن 6 ڪلاس جي شاگرد عرفان نوحاڻي ۽ وزير نوحاڻي کي زبردستي کنڀي کڻي وڃڻ بعد کين گم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو اسان جو ڪنھن به سياسي پارٽي سان تعلق ناھي ۽ نه ئي ڪنھن سان ڪا ذاتي دشمني آھي پر ان باوجود اسان جي معصوم شاگردن کي ڪجھ ڳجھن ادارن جا ماڻھن پوليس جي مدد سان کنڀي گم ڪيو آهي جيڪڏهن سندن مٿان ڪو ڏوھ يا ڪيس داخل آھي ته کين ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. متاثر ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آئي جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد،  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن معصوم نينگرن جلد ظاهر کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.