صنعتڪار يوسف ڪوثر ڀٽي جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي

حيدرآباد(رپورٽر) اڳوڻي ايم پي اي ۽ چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر نامياري صنعتڪار يوسف ڪوثر ڀٽي جي مڙھ کي حيدرآباد جي مشھور درگاھ اسد الله شاھ جي ڀرسان قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ حيدرآباد جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، واپارين، مٽن مائٽن سميت سوين شھرين شرڪت ڪئي، مرحوم يوسف ڪوثر ڀٽي جي پوئنرن سان حيدرآباد ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي. يوسف ڪوثر ڀٽي جو تڏو حيدرآباد ۾ سکر رولر فلور ملز سائيٽ ايريا لطيف آباد ۾ وڇايو ويو آهي، جتي يوسف ڪوثر ڀٽي جي ناٺي ۽ نامياري ليکڪ ذوالفقار ھاليپوٽو ۽ مرحوم يوسف ڪوثر ڀٽي جي پٽن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.