ارسا سنڌ کي پاڻي کان محروم ڪيو آهي:ڄام شورو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ارسا سسٽم ۾ پاڻي ڪمي جو سبب ڄاڻائي سنڌ کي پاڻي جي مقرر ڪيل حصي کان محروم ڪري رهيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، گذريل سال به سنڌ کي پاڻي معاھدي مطابق 22 سيڪڙو گھٽ پاڻي فراھم ڪيو ويو، صوبي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيندو، بيٺل زرعي فصل تباهه ٿي ويندا، پاڻي جي کوٽ جي ڪري زرعي شعبي کانسواءِ شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي نه ٿي سگهندي. هن مطالبو ڪيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاھ تحت سنڌ کي فوري پاڻي فراھم ڪيو وڃي ته جيئن پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.