سرهاڙي ڀرسان ڳوٺ ۾ خوفناڪ باهه، 30 گهر سڙي رک

سرهاڙي )رپورٽ:مھدي رضا مري) سرهاڙي ڀرسان سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ڌڻي پرتو زرداري ۾ ڪانگڙي۽ ڪچري ڏنل باھ تيز هوا سبب گهرن کي پنهجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنهن سبب ڪلهوڙا۽ خاصخيلي برادري جي 30 گهرن ۾ پيل هنڌ کٽون ٿانو سميت گهريلو سمورو سامان اناج سميت  الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو ۽ ٽي ڍور پڻ زخمي ٿي پيا متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته گهرن اڳيان زمين تي ڪانگڙي۽ ڪچري کي ڏنل باھ تيز هوا سبب باھ جا شعلا اسان جي گهرن ۾ ڪريا جنهن گهرن کي باھ لڳي جنهن سبب 30 گهر سڙي رک ٿي ويا ۽ ٽي ڍور زخمي ٿي پيا هوڏانهن اطلاع ڪرڻ باوجود تعلقه سڪرنڊ جي فائر برگيڊ عملو 2 ڪلاڪ دير پهتو تيستائين الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو جنهن بعد ڳوٺاڻن ۽ فائر برگيڊ عملي پاران باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو متاثر ڳوٺاڻن ۾ رباب گلشير ولي محمد مشرف علي شاھ محمد مير محمد عطا محمد ممتاز آفتاب شاهنواز سهراب خالق ڪلهوڙو رشيد امداد روشن منظور ظفرالله ۽ ٻيا شامل آھن جڏنهن ته باھ متاثرن وٽ پ پ پارٽي اڳوڻو تعلقه سڪرنڊ جو صدر ڊاڪٽر بشير احمد جمالي ۽ اسسٽنٽ  ڪمنشنر سڪرنڊ فقير اقبال سنجراڻي پهتا جن جو چوڻ هو ته متاثر خاندانن جي پ پ پارٽي۽ سنڌ حڪومت طرفان هر ممڪن مدد ڪئي ويندي اسان نقصان جو ڪاٿو لڳائي رهيا آھيون.فلحال متاٽر کليل آسمان ھيٺ ويٺل وس وارن کان واھر جي اپيل.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.