ڪوٽڏيجي ۾ ڪتن مدرسي کان واپس ايندڙ نينگر کي ڏاڙهي وڌو

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن مدرسي کان واپس ايندي نينگر کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو خبر موجب ڪوٽڏيجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿي سگهيو رولو ڪتن ڳوٺ مراد خان گوپانگ ۾ 5 سالا نينگر محمد شعيب پٽ محمد اسحاق کي ڇتن ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو نينگر کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي اندو ويو جتي نينگر کي ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ جي وئڪسين ڪرائي وئي ان سلسلي ۾ نينگر جي والد اسحاق گوپانگ احتجاج ڪندي ٻڌايو اسان جي ڳوٺ ۾ رولو ڪتن جي خوف کان معصوم ٻارڙا اسڪول به نٿا وڃي سگهن ڪتن جي حملن ۾ ڪافي ٻارڙا زخمي ٿين پيا ڪافي شڪايتون ڪرڻ باوجود ٽائون انتظاميا ڪابه ڪتا مار مھم شروع نه ٿيڻ ڪري رولو ڪتن منهنجي معصوم پٽ کي مدرسي مان قرآن پاڪ پڙهي گھر طرف اچي رهيو ھو ته ڇتن ڪتن حملو ڪري ڏنو هن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري نيب جي اعلي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٽائون ايڊمنسٽيريٽر ۽ ٽائون آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري ڪتا مار مهم شروع ڪري علائقن مان رولو ڪتن جو خوف ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.