ملڪ جي معاشي اڻ برابري ۽ امن وامان جي صورتحال

"راز"علي گل ڀٽو

ھن دنيا۾ھر ساھه واري جو وڏي۾وڏو مسئلو معاشي آھي۽ رھيو آھي،معاشيات جي آسان حاصلات ھر ذي شعور انسان جوجائز حق ۽ سوچ رھي آھي،جيڪڏھن ھڪ ماڻھوءَ جي ھڪ ويلي تي ھڪ مانيءَ جي گھرج آھي ته اھڙو حق ٻين ماڻھن لاءِ  به جائز ٿئي ٿو ته ھو به ھڪ مانيءَ جي حاصلات لاءِ  ڪوشش ڪن ۽معاشري جو فرض آھي ته اھڙا موقعا ان لاءِ  به مھيا ڪري،پر جڏھن ڪو ھڪ ماڻھون يا ماڻھن جو ٽولو مجموعي طور معاشي وسيلن تي قابض ٿي پاڻ جھڙي عام ماڻھوءَ لاءِ  انھن وسيلن تائين پھچ مشڪل بڻائي ٿو ته اتان ٻيائي،بغض،ڪينو،حسد۽اڳتي ھلي بغاوت جنم وٺن ٿا،جيڪا پوءِ  فردن،گروھن ۽ طبقن درميان ويڙھاند۽ڦرلٽ واري صورتحال ۾تبديل ٿئي ٿي،ان سموري حسرت يا هوس کي ضابطي ۾رکڻ لاءِ  ڪي اجتماعي قائدا۽قانون جوڙڻا پون ٿا، جنھن لاءِ  ڪنھن رياست گروه۽جماعت جوڙڻ جي ضرورت به پوي ٿي،

اھڙي جوڙ جڪ جو بنياد به انصاف ۽مساوات تي ھجڻ جو طالبو آھي،جنھن ۾ھرڪنھن کي ھڪ جھڙا موقعا ۽وسيلا ڏيڻا پون ٿا،نه نابرابريءَ واري ورڇ معاشري کي انتشار جي ور چاڙھيندي،پر انساني فطرت۾ھٻڇ۽لالچ جو عنصر شامل ھجڻ ڪري معاشي وھڪرن کي پاڻ ڏي لھوارو ڪرڻ جي ترغيب ڏين ٿا،جنھن مان ناانصافي جنم وٺي ٿي،جڏھن ناانصافي ڪنھن معا شري ۾پلجڻ لڳي ته اتي کوڙ ساريون برايون جبم وٺن ٿي۔ناانصاففي ھر برائيءَ جي ماءُ آھي،ناانصافي معاشي ھجي يا اخلاقي يا ڪنھن ٻئي قسم جي ھجي،اھا معاشري جي ٻڌي۽ايڪي لاءِ  ھاڃيڪار ثابت ٿيندي آھي،اھڙو معاشرو ھميشه جي لاءِ  امن واسطي سڪايل رھي ٿو،ٻيون ڪيتريون به ڪوششون ڪيون وڃن اھي ناانصافيءَ جو ترياق نٿيون ٿي سگھن،معاشي ھمواري قائم ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪري اجتماعي کنيل قدم ئي اثر انداز ٿيندا آھن،انفرادي کنيل قدم ايترو نتيجو نه ڏيندا آھن،اھڙي معاشرتي اجتماعيت لاءِ  ننڍي يا وڏي پئماني تي ڪنھن ھڪ رياست جي جوڙ جڪ ڪري ان لاءِ  ھڪ متوازن معاشي۽سياسي نظام قائم ڪرڻو پوندو آھي،جنھن جي مدد سان ھڪ متوازن۽ ڪامياب معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو،ڊگھي معاشي پروگرام جي شرعات کاڌي پيتي کان اڳتي ھلي لٽو ڪپڙو ۽اجھو به ضروري ٿي پوي ٿو،اھي جيڪي بنيادي ضرورتون آھن،انھن جي حاصلات کي انسان  ھر شئي تي ترجيح ڏئي ٿو،جنھن جي حاصل ڪرڻ لاءِ  مھذب معاشري جا ماڻھون جائز طريقا ئي اختيار ڪندا آھن۽ڪي طبقا معاشري جي دٻاءُ ۽ڏاڍ جي ڪري ناجائز۽اڻ سڌا طور طريقا اختيار به ڪندا آھن،جنھن ڪري معاشي بنيادن تي معاشرتي ٽڪراءُ پيدا ٿي پوندو آھي،جڏھن معاشري۾گڏجي رھڻ جو رواج پيو۽رھڻي ڪھڻيءَ جا شھري قانون جڙيا ته معاشرن وجود ورتو ،معاشرن ڦري رياست جو روپ ڌاريو،رياستن جي معاشرن کي ھلائڻ لاءِ  ٻين قائدن سان گڏ معاشي قڍنونن جي جوڙ جڪ جي گھرج به پيئي،

شروع کان انسان معاشرن زراعت۽مال متع تي معاشي اصول جوڙيا ،ڪن ھنر وڪيو،ته ڪن ان جو عيوض جنس جي شڪل۾ادا ڪيو،اھڙي طرح ترقي ڪندو اڄ جو معاشي معاشرو جڙي پيو،جنھن۾ايجادات جڳ عمل دخل وڌندو ويو،ايجادات به معاشيات۾ اھم مقام ماڻي ورتو،ايجادات معاشرن جي اھم ضرورت بڻجي وئي،پاڪستان جي موجوده معاشيات جو مجموعي طور تي ٻن عنصرن تي دارومدار رھيو آھي،جنھن۾ستر کان اسي سيڪڙو زراعت۽ ويھه سيڪڙو کان ٽيھه سيڪڙو جو انحصار صنعتي پيداوار تي آھي،ستم اھو آھي ته شروع کان وٺي ملڪ جي اصل زرعي معيشت کي نظرانداز ڪيو ويندو رھيو،اعلي ايوانن۾نمائندگي گھٽ ھجڻ ڪري حقوق جي سلسلي۾ زراعت محروم رھي،جڏھن زراعت تي اعلي پئماني تي توجھه نه ڏنو ويو ته پوءِ  ان تي دارومدار رکندڙ صنعتون به متثر ٿينديون رھيون،آباد زميني وسيلن جي مالڪي تي طاقتور۽ڏاڍن ماڻھن جو غلبو رھيو،ملڪ جي اڪثريتي آبادي جي رڳو مزدور واري حيثيت وڃي رھي،جنھن جون حالتون ڏينھون ڏينھن رحم جوڳيون ٿينديون ويون،ان ڪري ھاري ھيٺانھون۽زمينداريا جاگيردار مٿڀرو ٿيڻ لڳا،ان سان طبقاتي وڇوٽيءَ جنم ورتو،اھڙي ريت صنعتن ۾به مزدور کي اجرتي حساب پيداوار جي حد مطابق نه مليو ته ان جو گذارو به مشڪل ٿيڻ لڳو،جنھن پڻ مزدور۽ صنعت ڪار جي درميان ڇڪتاڻ۽ انتشار پيدا ٿيو،ھڙتالن۽جھڳڙن جنم ورتو،ان طبقاتي نفرت پيداواري ھدف کي به ڪافي ڌڪ رسايو،ملڪ جي بي ترتيب معاشيات  جاگيردار، صنعت ڪار ۽ جاگيردارن جي ور چڙھي ويئي،جنھن ڪري ھاري۽ مزدور گھڻو ڪري مجموعي غربت جي اونداھي ۾غرق رھيا، ملڪ جي تاريخ جو ڳپل حصو غير جمھوري دؤرن تي ٻڌل رھيو آھي،جنھن ڪري اڪثريت ۾ھوندي به ھاري۽مزدور غير منظم رھيو آھي،جڏھن ته جاگيردار۽صنعتڪار اقليت۾ھوندي به متحد رھيو آھي،جنھن ڪري ملڪي وسيلن تي حق حاڪميت به انھن کي رھيو آھي،ان محروميءَ جو شڪار اڪثريتي طبقو مزدور۽ ھاري رھيو آھي،

ملڪ جي تاريخ ۾ھڪ ڀيري کانسواءِ مڪمل طور صنعتي۽زرعي مزدور سڌارا آندا ئي نه ويا آھن۔انھن ھڪ دفعي وارن سڌارن کي به اچڻ واري قوت پويان پير ڪرائي ساڳي جاءِ تي بيھاري ڇڏيا،جتان سڌارا شروع ٿيا ھئا،بلڪ صنعتڪار۽جاگيردار کي وڏيون رعايتون ڏيئي اڳي کان به وڌيڪ مضبوط ڪيو،ھاري۽مزدور جي محنت جو ڦل انھن کي ملڻ بجاءِ سندن استحصال ڪرڻ وارن کي ملندو رھيو آھي،ان اونداھي۽غير واجبي معاشري۾امير امير۽غريب وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو،محروم۽نوازيل طبقن جي وچ ۾ معاشي ناھمواري سؤ سڪڙو کان به ٽپي ويئي آھي،ان جو مختصر سبب ھيءَ به آھي ته ھاريءَ جي محنت جو حصو ھڪ ته ان کي پورو نٿو ملي،جيڪو ملي ٿو ان جو اگهھ يا اجورو بلڪل غير واجبي ۽ نامناسب ملي ٿو،جڏھن ته ھاريءَ جي ضرورت جون شيون ٻج،ڀاڻ۽زراعت۾ڪمائيندڙ اوزار۽دوائون روزانو اگهھ وڌائينديون رھن ٿيون،ان منافعي۽مھانگائيءَ جو فائدو به سڌو سنئون صنعتڪار کي پوي ٿو،

معاشي ڪمزوريءَ جي ڪري اوڌر جو نظام به ھاريءَ۽مزدور جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي ٿو،ان نظام جو خلقڻھار ۽ فائدو کڻندڙ ۽ نوازيل طبقو ئي کڻي ٿو،في الحال ته اھا معاشي ناھمواري رڳو دلي رنجشون پيدا ڪري ٿي، پر جڏھن ھاريءَ ۽ مزدور جي حالت بک ۽ بدحاليءَ کي پھتي جيڪا گھڻو پري ناھي ته پوءِ  ھيءَ جاگيرداري۽ سرمائيداري جي اڏيل منافعي واري عمارت ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندي،جنھن جي اوٽ ۾سڄو ملڪ ايندو،وڏص ھنيانءُ ساڙيندڙ ڳالھه اھا آھي ته ھاري مزدور۽غريب جي نالي ۾جيڪا رعايت۽سھنج حڪومتي سطح تي ملي ٿو، ان جي حاصلات به جاگيردار،صنعتڪار۽سرمائيدار جي کيسي۾ابتي ھٿ سان وڃي پوي ٿي، اجرت ھاريءَ جي ھجي يا مزدور جي ھجي اھا نالي ماتر ڏيکاءُ آھي،باقي رھيل سھيل ڪسر سرمائيدار ھٿرادو مھانگائي پيدا ڪري محروم طبقن کي ڦري ۽ لٽي ٿو،ھاري۽مزدور جي اپايل شئي ان کان ٽڪي ملهھ وٺي واپس کيس پنج سئو دفعا مھانگي ڪري ڏني وڃي ٿي،منفعي خور ٻٽي مزي ۾آھي،ڇو ته خريدڻ وقت سستو وٺي ۽ وڪڻڻ وقت مھانگو وڪڻي ٻٽو منافعو ڪمايو ٿو وڃي.

ان ڪري صورتحال ھاڻي اندروني ويڙھاند طرف وڌي رھي آھي،دنيا جي اڪثر سڌريل ملڪن۾معاشري جا ٽي طبقا ھوندا آھن،ھڪ ھيٺيون طبقو ٻيو وچيون طبقو ٽيون مٿيون طبقو،اسان جي ملڪ۾ھيٺيون طبقو اڪثريت ۾آھي،وچيون طبقو ختم ٿي ويو آھي۽مٿيون اعلي طبقو به آھي،انڪري معاشري۾انتشار۽رستن۽محلن۾بدامني جو راڄ آھي،ان ڪري امن ملڪ ۽معاشري جي ڀلائي انھيءَ۾آھي ته ترت زرعي۽صنعتي سڌارا آڻي معاشي اڻ برابريءَ کي گھٽايو وڃي۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.