شهباز شريف جو وزيراعظم ٿيڻ شرم جهڙي ڳالهه آهي: ارباب رحيم

حيدرآباد (پ ر) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ سابق وزير اعلي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي پريس ترجمان ذوالفقار ملاح چيو آهي ته عوام جي ترجماني ڪندڙ ايماندار وزيراعظم عمران خان کي هٽائي ڪرپٽ ترين شخص کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائي ملڪ ۽ قوم سان ويساھ گهاتي ڪئي وئي آهي علي بابا چاليس چورن جو گڏجڻ ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائيندو جنهن شخص تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو هجي ان شخص کي وزيراعظم بڻائڻ وارو عمل قابل شرم آهي عمران خان کي رات جي انڌيري ۾ ڪرسيءَ تان زبردستي هٽايو ويو آهي پر هن ملڪ جي عوام جي دلين ۾ جاء ڪري ويو آهي هن کي هٽائڻ خلاف نہ صرف پاڪستان پر سڄي دنيا سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري عمران خان سان محبت ۽ يڪجهتي جو مثال قائم ڪيو آهي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي معاهدو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ناپاڪ سازش آهي جيڪا سازش سنڌ جو غيور عوام هر حالت ۾ ناڪام ۽ ناڪاره بڻائيندو پاڪستان ۾ بنادير چونڊون ڪرائي ملڪ جي عوام مان بيچيني کي ختم ڪيو وڃي ملڪ جو قومي خزانو لٽيندڙ شوباز جي حڪومت مهمان اداڪار وانگر آهي جيڪا چند مهينن ۾ گهر ڀيڙو ٿيندي هن چيو تہ پي ڊي ايم ۾ عهدن تان اختلافات شروع ٿي ويا آهن جيڪي تمام جلد منظر تي ايندا ۽ امپورٽيڊ حڪومت جو خاتمو ٿيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.