سعودي عرب: عيدالفطر جي پهرين ڏينهن جده سيزن 2022ع جي شروعات

جده (اي پي پي)  سعودي عرب جي شهر جده ۾ عيدالفطر جي پهرين ڏينهن جده سيزن 2022ع جي شروعات ٿي جيڪو 60 ڏينهن تائين رهندو. جده سيزن ۾ رنگ برنگي تفريحي پروگرام پيش ڪيا ويندا. سعودي اخبار مطابق جده سيزن ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ ڊرونز ذريعي خوبصورت ڪرتب ۽ آتشبازي وارا شوز به پيش ڪيا ويندا. انتظاميه جو چوڻ آهي ته جده سيزن ٽو هن ڀيري ٻن سالن کان پوءِ منعقد ڪيو پيو وڃي. گذريل ٻن سالن ۾ ڪورونا وائرس سبب جده سيزن منعقد نه ڪيا ويا. هلندڙ سال منعقد ٿيندڙ جده سيزن شهر جي 9 مختلف هنڌن تي منعقد ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ مزاحيه ڊرامه، سرڪس ۽ آبي ڪرتب به شامل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.