خانپور مهر ويجهو گهرن کي باهه، 2 ٻڪريون، پاڏو، موٽر سائيڪل سڙي خاڪ

خانپورمهر (ن ع آ ) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ گاھي لانگاھ ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ياسين لانگاھ، صدام،فقير محمد لانگاھ،محمد بخش، يوسف لانگاھ جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باھ لڳڻ ڪري گهرن ۾ پيل سئو مڻ ڪڻڪ. 2 ٻڪريون، ھڪ پاڏو. ھڪ موٽر سائيڪل گھر ۾ پيل ٻن نياڻين جو ڏاج. کٽو. بسترا ، روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، واقعي بعد ڳوٺاڻن ۽ فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ضابطو آڻي ورتو پر پورهيتن جا گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا، هوڏانهن متاثرن ميڊيا کي ٻڌايو ته باھ جو ڪارڻ  معلوم نه ٿي سگهيو آهي، باھ لڳڻ ڪري الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو آهي، اسين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، متاثرن چونڊيل نمائندن توڙي ٻين وس وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.