تلهار ۾ مبينا اغوا ٿيل نينگريءَ جي آزادي لاءِ احتجاج

تلھار (ت ر)13ورھين جي ھميران خاصخيلي جو اڍائي مھينا گذرڻ جي باوجود پتو نه پئجي سگھيو وارثن جو عوامي پريس ڪلب جي صحافين آڏو احتجاج،ھميران کي زبردستي بااثر اغوا ڪري ويا اسانکي شڪ آھي ته بااثر نياڻي کي ماري ڇڏيو آھي، ڪٿان به ڪا مدد ناھي ملي پريس ڪانفرنس ۾ ھميران جي پيرسن پيء اسلم ماء نذيران ڀيڻ سميران جون ڌانھون تفصيل موجب تلھار ويجھو فقير جي ٻنيء وٽان اسلم خاصخيلي جي 13 ورھين جي نياڻي ھميران اڍائي مھينن کان لاپتا ھجڻ ڪري وارث سراپا احتجاج ان سلسلي ۾ اسلم عرف لکي خاصخيلي صحافين آڏو ڌانھيندي چيو ته اڍائي مھينا اڳ جھڏو مان اياز چانڊيو توحيد خاصخيلي، ناظم ۽ اوبيا خاصخيلي ۽ ٻيا نامعلوم ھٿيارن جي زور تي صبح جو 9 وڳي گھر ۾ داخل ٿي 13 ورھين جي منھجي نياڻي ھميران کي زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي ويا جنھن کي اڍائي مھينا گذرڻ جي باوجود ظاھر ناھي ڪيو ويو اسانکي شڪ آھي ته بااثر ماڻھن وٽ نياڻي کي وڪرو ڪيو ويو آھي يا ته ماري پوري ڇڏيو اٿن اسان ڪجھ ڏينھن اڳ توحيد جي وڏي ڀاءُ معظم خاصخيلي کي دانھون ڏنيون ۽ نياڻي بابت رابطو ڪيو پر ان نمبر تان به اسانکي موتمار دھمڪيون مليون ۽ چپ نه چورڻ لا۽ زور ڀريو ويو اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد کي اپيل ڪيون ٿا ته منھجي 13 ورھين جي نياڻي ھميران کي رھزنن وٽان فوري بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.