عيد جو ڏينهن ۽ مذهب جو اصل روح

دنيا جي سڀني قومن ۽ مذهبن ۾ سال جا ڪجهه ڏينهن جشن، تهوار ۽ عيد طور ملهايا ويندا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته هر مذهب ۽ قوم جا ماڻهو عيد جا ڏينهن پنهنجي عقيدن، تصورن، روايتن ۽ ثقافتي قدرن موجب ملهائيندا آهن، پر اها ڳالهه ضرور واضح ڪري ٿي ته عيد جو تصور انساني فطرت جي گهرج  آهي.

مسلمان ملت پنهنجي فطرت، عقيدن، نظرين ۽ قومي قدرن جي لحاظ کان دنيا جي ٻين قومن کان منفرد ۽ ممتاز آهي. ان ڪري سندس عيد ملهائڻ جو انداز به منفرد آهي. عيد  اسلام ۾ روح جي نفاست، دل جي پاڪيزگي، جسم ۽ لباس جي پاڪيزگي ۽ پوري شخصيت جي پاڪائي،توحيد جي جذبي، ڀائيچاري،شڪراني ادا ڪرڻ جو نالو آهي. اسلامي ۾عيدون  هڪ خوبصورت، دلڪش ۽ ايمان کي متاثر ڪندڙ پس منظر رکندڙ هونديون آهن.

رمضان المبارڪ برڪت وارو مهينو آهي. هي مقدس مهينو الله تعاليٰ جي خاص رحمتن، بخشش ۽ فضلن جو خزانو آڻيندوآهي. رمضان اسان کي صابر ۽شاڪر ٿيڻ جو سبق به ڏئي ٿو، جڏهن هن مسلمان،نفساني خواهشن، جسماني لذتن، محدود ذاتي مفادن ۽ گروهي تعصبن کي قربان ڪري پنهنجي رب جي عبادت ڪري ٿو . مقرر ڪيل فرض ادا ڪري ٿو ته ان جا  درجا بلند ٿين ٿا.

جيئن ئي هي مقدس مهينو ختم ٿئي ٿو ته پهرين شوال تي اهو ڏينهن عيد الفطر جي صورت ۾ اڀري ٿو. جنهن کي مسلمان عيد طور ملهائين ٿا.جنهن موجب هو هڪ مسلمان ڀاءُ ٻئي سان ملي ٿو.ان سان ويجهڙاپ وڌي ٿي، ويڇا گهٽجن ٿا، هڪ ٻئي جي حال جي خبر پوي ٿي.اسلام ۾ عيد جي شروعات مديني ۾ هجرت کانپوءِ شروع ٿي هئي، جتي خالص اسلامي فڪر ۽ مذهبي مزاج مطابق اسلامي تهذيب، ۽ اجتماعي زندگي جي ابتدا ٿي هئي.عيد يا خوشين ملهائڻ جو تصور اسلام کان اڳ به موجود هو، پر ان وقت مديني جا ماڻهو اهي ”نو ڏينهن“ ۽ ”مهرجان“ جا ڏينهن عيد طور ملهائيندا هئا. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو  ته الله تعاليٰ مسلمانن کي عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ جا برڪت وارا ڏينهن انهن جي خاص انعامن ۽ اعزازن جي بدلي ۾ عطا ڪيا آهن. جيڪي ملهايا وڃن.عيد جي نماز هر ان شخص تي واجب آهي جنهن تي جمعو واجب آهي.

عيدالفطر جي نماز کان اڳ فطرو ادا ڪرڻ ضروري هوندو آهي. هر ان مسلمان تي ان جي ادائيگي واجب آهي، جنهن وٽ بنيادي گهرجن کان وڌيڪ مال هجي. توڙي ان تي زڪوات واجب ٿئي يا نه ٿئي ۽ پڻ صدقه فطر واجب ٿيڻ لاءِ هي شرط به لاڳو ناهي ته ان مال تي هڪ سال جو وقت گذريو هجي ۽ نه وري هي شرط آهي ته فطرو ڏيندڙ عاقل ۽ بالغ هجي. فطرو هر وڏي توڙي ٻار ۽ بي عقل (چريي) تي واجب آهي، شرط هي آهي ته اهو خوشحال هجي.

هن تهوار جي سموري فلسفي کي سماج ۾ مڪمل طور لاڳو ڪيو وڃي ته ان جا يقينن بهترن نتيجا نڪري سگهن ٿا۽ دنيا جي سمورن مذهبن جو به اصل روح اهو ئي آهي ته ان ۾ جيڪي به انسان تي فرض لاڳو ڪيا ويا آهن انهن مان ٻئي ماڻهو کي فائدو پهچي،پر بدقسمتي سان جيڪي به مذهبي فلسفا هن دنيا ۾ آيا هئا انهن تي انهن جي روح موجب عمل نه ڪيو ويو  آهي جنهنڪري انهن جو سماجي زندگي تي ڪو اثر نه پيو آهي، اهو درست آهي ته اسلام اسان کي سادگي سيکاري ٿو پر عام طرح جڏهن عمومي زندگي تي نظر وجهبي آهي ته معاملو ان جي ابتڙ نظر اچي ٿو، اسلام ۾ خاص ڪري رمضان شريف ۽ روزي جو هڪ پاسو انسان جي اندر ۾ سهپ پيدا ڪرڻ، درگذر ڪرڻ،منفي پهلوئن کان پاسو ڪرڻ آهي پر معاشري وري به ائين نٿو ٿئي،

ڪنهن به معاشري ۾ جيستائين ان جا رول ماڊل نه هوندا ۽ سياسي،سماجي ،مذهبي زندگيءِ ۾ قيادت ڪندڙ فرد عام ماڻهن جي لاءِ صرف گفتار جا غازي هوندا پر ڪردار ۾ ڪو فرق نه هوندو ته عوام به انهن جي عمل جي پوئلڳي ڪندو، هتي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي جنهنڪري ماڻهون پنهنجي طور تي اهو سمجهي ٿو ته مذهب يا معاشر ي جي لاءِ ڏنل فلسفو يا ڪو به فڪر صرف ڄاڻڻ جي حد تائين ضرور آهي،اصل ڳالهه انهيءَ فڪر تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي آهي، جنهن تي اسان وٽ زور نٿو ڏنو وڃي.

هن وقت ملڪ ۾ جيڪو طوفان کڙو ٿيل آهي اهو ڪنهن به طرح اها عڪاسي نٿو ڪري ته ڪو هي هڪ مهذب معاشرو آهي. اهو سموري ملڪ جي سياسي، سماجي توڙي مذهبي اڳواڻن جي لاءِ اهم آهي ته هو ملڪ ۾ موجود افراتفري کي ماٺو ڪرڻ جي لاءِ ۽ سماج کي هڪ هاڪاري رخ ڏانهن وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن،

اسلام اهو به سيکاري ٿو ته هڪ مسلمان جي زبان ۽ جسم کان ٻئي ڪنهن کي گهٽ کان گهٽ نقصان پهچڻ گهرجي، پر ڪنهن به سطح تي هن ملڪ ۽معاشر ي۾ ان فڪر تي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي.

دنيا جي سمورن مذهبن جو اصل ڪم هڪ عام انسان جي ڀلائي ڪرڻ هو، جيڪو به فلسفو ان تان هٽي ويو يا ان تي عمل نه ٿيو ته ان جو مجموعي سطح تي  سماج کي ڪو به فائدو نه پهتو.هتي اهو ياد رکڻ گهڻو ضرور آهي ته اسلام سموري انسان ذات جي ڀلائي جي تلقين ڪري ٿو، ان جي لاءِ مذهب جي روشن پاسي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي معاشري ۾ لاڳو ڪرڻ سان  ئي اسان مهذب معاشري جو سفر شروع ڪري سگهون ٿا.

اچو ته مذهبي نعري بجاءِ ان جي مڪمل روح کي سمجهون ۽ ان موجب هن سماج ۾ عام توڙي خاص جي لاءِ ڪي اهڙا مثال به قائم ڪريون جنهن سان عوام کي مڪمل طو ر فائدو ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.