اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مٿان توهين مذهب جا ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ فرحت الله بابر چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن مٿان توهين مذهب جا ڪيس ڳڻتي جوڳا آهن. ماضي ۾ هميشه مذهب کي هٿيار جي طور تي استعمال جي مذمت ڪئي آهي. هن وقت به ان جي مذمت ڪريان ٿو ۽ مستقبل ۾ به ڪندو رهندس، هن چيو ته توهين مذهب قانون جي غلط استعمال کي روڪڻو پوندو. هن قانون کي هٿيار جي طور تي استعمال نه ڪيو وڃي. توهين مذهب معاملي تي عقل کان ڪم ورتو وڃي.