فرح گوگي عمران خان کي سلطاني گواهه بڻجڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) فرح گوگي ڌمڪي ڏني آھي تـ عمران خان منھنجو دفاع نـ ڪيو تـ اھم رازن تان پردو کڻندس ، ھن وعدا معاف گواھ بڻجڻ جي ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي ،ڊاڪٽر دانش پنهنجي وي لاگ ۾ انڪشاف ڪيو،اڳوڻي حڪومت خلاف  ڪيترائي ڪيس تيار آهن پر هن وقت جيڪو مشهور ڪيس سامهون آيو آهي، اهو خاتون اول جي دوست فرح گوگي جي ڪرپشن جو ڪيس آھي،ان ڪيس اھم رخ ان ڪري بـ ورتو آھي تـ  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان  پاڻ ان جو دفاع ڪرڻ ميدان ۾ آيو.عمران خان پنهنجي ڀيڻ عليما خان جي ڪيس جو ۽ خاتون اول جي خلاف لڳايل الزامن جو دفاع بـ نه ڪيو پر خاتون اول جي دوست فرح گوگي خلاف الزامن جو دفاع ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ـ حيرت جي ڳالھ آھي تـ فرح جي  سندس مڙس احسن گجر به بـ فرح گجر جو دفاع نه ڪري رهيو آهي، جيترو سابق وزيراعظم ڪري رھيو آھي  پوءِ ڪهڙي مجبوري هئي جو عمران خان کي فرح جي دفاع لاءِ اڳيان اچڻو پيو۔پنهنجي بلاگ تي تبصرو ڪندي سينيئر صحافي ڊاڪٽر دانش چيو ته فرح گجر عمران خان کي ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏهن منهنجو دفاع نه ڪيو وڃي ها ته ڪيترائي راز فاش ڪري ڇڏيندس.۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو عمران خان کي فرح جي دفاع ۾ اڳيان اچڻو پيوان کان اڳ عمران خان يا پي ٽي آءِ جا اهم ماڻهو فرح کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندا هئا ته فرح ڪير آهي ۽ گوگي ڪير آهي.سينيئر صحافي ڊاڪٽر دانش ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران خان کي فرح جي ڌمڪي سبب سامهون اچڻو پيو.ڊاڪٽر دانش اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته فرح  ڌمڪي ڏني آھي تـ منهنجو دفاع نـ ڪيو ويو تـ وعدھ معاف گواھ بڻجندس ۽ اھم رازن تان پردو کڻندس ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.