نواز شريف جي سزا رد يا معطل ڪرڻ واري معاملي تي غور

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهر وزير راڻا ثناالله جو چوڻ آهي ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومت وٽ موجود قانوني ايڪٽ تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا رد ڪرڻ يا معطل ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪري رهي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته  وفاقي ۽ پنجاب حڪومت نواز شريف ۽ ٻين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ايڪٽ استعمال ڪري سگهن ٿيون، هن چيو ته نواز شريف صحت جي بنياد تي وطن واپسي جو فيصلو ڪندو، هن چيو ته پرزائڊنگ آفيسر جااختيار صدر ۽ گورنر کان واپس وٺي وزيراعظم  يا وڏي وزير کي ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته نيب چيئرمين کي گهر وڃڻو پوندو ڇاڪاڻ ته ان جو مدو پورو ٿي رهيو آهي. نيب کي بند ڪرڻ سان سياسي طور تي نقصان ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.