مسجد نبوي صه واقعي جي مذمت نه ڪرڻ، دفاع برابر آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (م ڊ) ماحوليات بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته مسجد نبوي واقعي جي مذمت نه ڪرڻ ان جي دفاع جي برابر آهي. هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته عمران خان پنهنجي ڪرپشن اسڪينڊل جو دفاع ڪرڻ ميدان ۾ لهي آيو آهي هو مسجد نبوي واقعي جو دٻيل لفظن ۾ دفاع ڪري رهيو آهي.جڏهن ته مسجد نبوي واقعي جي مذمت نه ڪرڻ ان جي دفاع جي برابر آهي پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جلسا ڪندڙ مسجد نبوي واقعي جا دفاع ڪري رهيا آهن، هن چيو ته چورن ۽ ڦورن جو (مين نه مانون) جو بيانيو ملڪ ۾ بدترين ورهاست جو سبب بڻجي رهيو آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي 26 سالن ۾ ملڪ کي نفرت، ورهاست ۽ انتشار کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.