اسلام آباد(م ڊ) تجزئي نگار حامد مير چيو آهي ته فواد چوڌري کي موڪل واري ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان رليف ملڻ سياسي ڇڪتاڻ جي آلوده فضا ۾ تازي هوا جو هڪ جهونڪو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته فواد چوڌري کي به موڪل واري ڏينهن رليف ملي ويو، هاڻي توهان سڪون سان عيد ملهايو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سياسي ڇڪتاڻ واري گندي فضا ۾ تازي هوا جو خوشگوار جهونڪو آهي، اها اُها ئي عدالت آهي جنهن تي تحريڪ انصاف وارا پنهنجي حڪومت ۾ طرح طرح جا الزام لڳائيندا هئا، هاڻي اها ئي عدالت رليف ڏئي رهي آهي