سنڌ ۾ مٽيءَ جو طوفان، ڪراچي ۾ عيد جا خيما ڪِري پيا

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ مٽيءَ سان تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي جي چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب ڪراچي هن وقت مٽيءَ جي زوردار هوائن جي لپيٽ ۾ آهي ۽ هوائون شهر جي ڏکڻ اولهه کان 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، هن چيو ته هوائن جي رفتار ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ کليل علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان جي وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا، سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ گرمي جي شدت گهٽ ٿي وئي آهي ۽ اڄ به پارو 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، چيف ميٽرول لوجسٽ موجب عيد جي ڏينهن موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، پارو 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، ٻئي طرف شهر ۾ تيز هوائن سبب ناظم آباد عيد گاهه گرائونڊ ۾ عيد نماز لاءِ لڳايل خيما ڊهي پٽ ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.