ڀارت ۾ مسلمان نرس اجتماعي زيادتي بعد قتل

بنگرمائو(م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر بنگر مائو ۾ هڪ خانگي نرسنگ هوم ۾ ڪم ڪندڙ 18 ورهين جي ناري کي اجتماعي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب ناري جي وارثن الزام لڳايو آهي ته نرسنگ هوم جي آپريٽر پنهنجي ساٿين سان گڏجي ناري کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ کيس قتل ڪيو آهي، ناري جي امڙ جو چوڻ آهي ته مون کي صبح جو اطلاع مليو ته ڌيءُ آپگهات ڪيو آهي، پوليس نرسنگ هوم جي مالڪ ۽ ٻن ساٿين سميٿ 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب جوابدارن ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش ٽنگي ڇڏيو هو، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، نرسنگ هوم نور عالم نالي شخص هلائيندو هو، جوابدارن ۾ نور عالم، چاند عالم، انيل ڪمار ۽ هڪ نامعلوم شامل آهن، واضح رهي ته گينگ ريپ جي واقعن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي رهي آهي، 2020ع ۾ 28 هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.