يو اي اِي جي معاشي ماهرن جو وفد پاڪستان جو هنگامي دورو ڪندو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل    بيان مطابق شهبازشريف جي يو اي اي جي دوري کانپوءِ هاڻي گڏيل عرب امارتن جي معاشي ماهرن جو وفد پاڪستان جو هنگامي دورو ڪندو، ان بيان ۾ چيو ويو آهي ته يو اي اِي جو وفد وزيراعظم شهبازشريف سان 3 مئي تي لاهور ۾ ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ يو اي اِي وچ ۾ معاشي سرگرميون تيز ڪرڻ بابت تجويزن تي غور ٿيندو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿينديون، ان ۾ چيو ويو آهي ته وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري بابت ماحول ۽ پاليسي کان آگاهه ڪيو ويندو، توانائي، معيشت، پيٽروليم انڊسٽري جي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.