سوشل ميڊيا تي فرح خان جي حمايت تي عمران خان مٿان تنقيد، نيب جي وضاحت

اسلام آباد(م ڊ) فرح خان، فرح گجر ۽ فرحت شهزادي اهي ٽئي نالا هڪ ئي عورت جا آهن جيڪا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست ٻڌائي وڃي ٿي، تازو ڪجهه عرصي ۾ فرح خان جو نالو سوشل ميڊيا کان وٺي جلسن ۽ ٽي وي اسڪرينن تائين بحث جو موضوع رهيو آهي پر هن جي شهرت جو سبب رڳو اڳوڻي خاتون اول جي ساهيڙي هئڻ ناهي بلڪه مسلم ليگ ن، پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن پاران هن تي لڳايل بدعنواني جا الزام آهن، اهي الزام سامهون اچڻ کانپوءِ گذريل مهيني نيب پاران فرح خان نامعلوم آمدني ذريعن جي مدد سان  اثاثا بڻائڻ، مني لانڊرنگ جهڙن الزامن تحت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، فرح خان انهن سمورن الزامن جي ترديد ڪئي آهي ، گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا ۽ نجي ٽي وي چئنلن تي اهڙيون خبرون هليون ته گوجرانوالا ۾ فرح خان سان منسوب هائوسنگ اسڪيم خلاف سرڪاري ادارن ايڪشن کنيو آهي ۽ سوسائٽي جي آفيس سيل ڪئي وئي آهي، انهن خبرن ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي ته اها ڪارروائي نيب پاران ڪئي وئي آهي، پر نيب جي ترجمان بي بي سي سان ڳالهائيندي نجي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ انهن خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪارروائي ٿي آهي ته اها مقامي انتظاميا پاران ڪئي وئي هوندي، ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري فرح خان بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ” اسان کي ڪهڙي خبر، فرح ڪير آهي“ پر گذريل ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان فرح خان جو دفاع ڪيو، هن نيب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ” هي جيڪو توهان فرح خان تي ڪيس وڌو آهي، اهو ڪنهن کي به پهرين ڏيکاريو ته ڪو ڪيس بڻجي سگهي ٿو“ ؟ اڳوڻي وزيراعظم جي ان پريس ڪانفرنس کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو اهو پڇندي نظر پيا اچن ته ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم عمران خان فرح خان جو دفاع ڇو ڪري رهيو آهي؟ اظهر جاويد لکيو ته فواد چوڌري فرح بي بي کي سڃاڻڻ کان انڪاري ۽ عمران خان چوي ٿو ته فرح خان بي قصو آهي، ڇا اهو کليل تضاد ناهي؟ وقار احمد ميمڻ ٽوئيٽ ڪيو ته پي ٽي آءِ قيادت ڪالهه تائين چوندي رهي ته اسان فرح خان کي نٿا سڃاڻون، هاڻي توهان ئي ڏسي وٺو دفاع ۾ ڪو ٻيو نه بلڪه اڳوڻو وزيراعظم ۽ پارٽي چيئرمين عمران خان پاڻ ميدان ۾ اچي ويو،محسن حجازي لکيو ته خان صاحب پاڻ فرمائي رهيو آهي ته عورت نه پارٽي عهديدار نه سرڪاري عهديدار نه ئي خان صاحب جي مائٽ،20 سالن کان ڪاروبار ۾ آهي ته ڪنهن به عام شهري خلاف ته ڪا به کاتي وار ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ايتري اعليٰ ترين سطح تي خان صاحب هن جو دفاع ڇو ڪري رهيو آهي؟ بلال احمد نالي صارف کيس جواب ڏيندي لکيو ته ڇو ته ان عورت جي مبينه ڪرپشن کي خان صاحب ۽ هن جي گهرواري سان جوڙيو پيو وڃي، طارق پڇي ٿو ته عمران خان فرح جي صفائي ڏيندي فرمايو ته هو ريئل اسٽيٽ جو ڪم ڪري ٿي ۽ هن ٽن سالن ۾ اربين رپيا ڪمايا آهن، خان صاحب! جڏهن ان ڪم ۾ ايتري ڪمائي هئي ته توهان اسان کي مرغين ۽ انڊن تي ڇو لڳائي ڇڏيو؟ ڪجهه مرغيون ٻليون کائي ويون، باقي جيڪي بچيون ٻلين کان اهي اسان پاڻ کائي وياسين، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم پاران پڇيل سوال جي جواب۾ نيب پاران هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون  مطابق ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر يا ان جي گهر ڀاتين خلاف مبينه طور تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جي شڪايت تي انڪوائري يا جاچ قانون مطابق شروع ڪري سگهي ٿي، نيب پاران چيو ويو آهي ته فرح خان جو مڙس احسن جميل گجر  1997ع کان 1999ع تائين ضلعي ڪائونسل گوجرانوالا جي چيئرمين طور قومي عهدي تي رهيو تنهن ڪري آئين ۽ قانون مطابق اڳوڻي عهديدار يا هن جي خاندان خلاف ڪرپشن ۽مالي بدعنواني ۾ مبينه طور تي ملوث هئڻ جي شڪايت تي قدم نيب جي دائري ۾ اچن ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.