پنجاب ۾ آئيني بحران، گورنر پاران صدر ۽ آرمي چيف سان ملاقات جو فيصلو

لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ سياسي ۽ آئيني بحران جي حوالي سان گورنر پنجاب صدر ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان گورنر هائوس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر عمر سرفراز چيما عيد کان پوءِ صدر عارف علوي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي، ملاقات دوران هو پنجاب ۾ جاري سياسي ۽ آئيني بحران بابت آگاهي ڏيندو ۽ ان جي حل لاءِ صلاح مشورا وٺندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.