شاري بلوچ جو آپگهاتي حملو ظلمن جو ردعمل آهي: طاهر بزنجو

ڪوئيٽا (پ ر) بلوچ قومپرست اڳواڻ مير طاهر بزنجو ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل آپگهاتي حملي کي بلوچ عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو ردعمل قرار ڏيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا دانهون ڪندا رهيا آهيون ته بلوچستان جي مسئلن جو سياسي حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي پر پارليامينٽ ۾ ويٺل ان وقت ڪنن ۾ تيل وجهي ڇڏيندا آهن. 74 سالن کان بلوچ هن ملڪ ۾ پاڻ کي اجنبي ۽ محڪوم سمجهي رهيا آهن. هزارين خاندانن جي گهرن ۾ ماتم آهي جن جا بي گناهه ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن. حالت هاڻي اها آهي ته شاري بلوچ جهڙي اعليٰ تعليم يافته عورت آپگهاتي حملو ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي. خدارا هزارين کنڀيل ماڻهو آزاد ڪري زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ ڳالهين ذريعي سياسي حل ڪڍيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.