نيازي ٻڌائي ته آمريڪا خلاف هن ڪهڙو ڪارنامو ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ، عمران خان جي ٽوئيٽ تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران نيازي ٻڌائي ته آمريڪا خلاف هن ڪهڙو وڏو ڪارنامو ڪيو هو جو هن خلاف پرڏيهي سازش ٿي آهي،  عمران نيازي آمريڪي صدر جوبائيڊن جي فون ڪال جو انتظار ڪندو رهيو. هن نا اهل شخص مان هن جا پنهنجا ايم اين ايز ۽ اتحادي به تنگ هئا. صوبائي وزير پنھنجي جاري بيان ۾ چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ هي شخص خوشي ۾ نه پئي ماپيو.  قوم کي ٻيو ورلڊ ڪپ کٽڻ جون خوشخبريون  ٻڌائي رهيو هو، پر سڀني ڏٺو ته ڀارت ڪشمير تي وڌيڪ قابض ٿي ويو ۽ ان جي خودمختيار حيثيت ئي ختم ڪري ڇڏي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران نيازي جو مشن پاڪستانين کي گمراھ ڪرڻ آهي، قوم هن مڪار کي سمجهي. هن چيو ته عمران نيازي نه صرف ملڪ جي اقتصادي تباهي جو ذميوار آهي پر هن شخص ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي . سي پيڪ کي روڪڻ ۾ به عمران خان ۽ هن جي صلاحڪارن جو هٿ رهيو آهي. صوبائي وزير چيو ته نيازي ڀارت جي عام چونڊن ۾  مودي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي چيو هو ته نريندر مودي جو کٽڻ پاڪستان جي لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. هن چيو ته عمران نيازي يهودي لابي جي چوڻ تي لنڊن جي ميئر جي چونڊن ۾ پنهنجي پاڪستاني محمد صادق بدران زيڪ گولڊ سمٿ جي چونڊ مهم هلائي.  صوبائي وزير  چيو ته عمران نيازي ۽ سندس حواري ملڪ جي لاءِ تباهي جو سامان آهن، ڇو ته هنن ماڻهن پاڪستان جي رياستي ادارن کي پنهنجي نشاني تي رکيو آهي. پاڪ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن ۽ ميڊيا خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي. نيازي برگيڊ ملڪ ۽ معاشري جي بنيادن  کي کوکلو ڪرڻ جي لاءِ هائبرڊ وار جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.