پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ معاملو سي سي آءِ ۾ اٿاريو ويندو: وڏو وزير

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه عيد ملھائڻ لاءِ نوابشاهه کان روڊ رستي پنھنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ پھتو جنهن بعد ھن پنھنجي مرحوم والد ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀري، جنهن بعد ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير چيو ته  سنڌ سميت پوري ملڪ جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ رمضان جو مھينو خير خيريت سان گذري ويو ۽ ھن ڀلاري مھيني ۾ جن ماڻھن جيڪي به عبادتون ڪيون آھن دعا آھي ته رب  پاڪ قبول فرمائي. ھن چيو ته اسان جو ملڪ ھن وقت ڏکئي مرحلي مان گذري رهيو آهي ڇو ته ملڪ  معاشي ۽ اخلاقي بحران ھيٺ آيل آھي ۽ دعا آھي ته اھو بحران جلد ختم ٿئي. وڏي وزير ھڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ربيع جي مند آھي ۽ 42 سيڪڙو پاڻي جي گھٽتائي ٿي وئي آهي سنڌو دريا ۾ به پاڻي گھٽ آھي جڏهن ته پاڻي جي ورھاست پڻ غير منصفاڻي انداز ۾ ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان  مون وزير اعظم سان ڳالھايو  آهي ۽ مون کي اميد آھي ته سي سي آءِ ۾  اهو مسئلو جلد ختم ٿي ويندو، ھن چيو ته مسجد نبوي صه ۾ جيڪو واقعو ٿيو ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿو ڪريان ۽ الله جي در دعا آھي ته اسان سڀني کي هدايت ڏئي ته اھڙين مقدس جڳھين کي سياست لاءِ استعمال نه ڪريون ۽ تهذيب جي دائري ۾ رھي ڪري اسان سڀني کي  سياست ڪرڻ گھرجي، ھن چيو ته تعلقي سيوھڻ ۾ پاڻي جو سخت بحران آھي جنھن معاملي جي مون کي خبر آھي ۽ مان آيو آھيان ان پاڻي جي کوٽ جو ڪو مستقل حل ڪڍي وٺنداسين بعد ۾ وڏو وزير سي ايم هائوس ۾ رات ترسي ۽ اڄ صبح عيد نماز لاءِ گڙھي خدابخش روانو ٿيندو. ان موقعي تي وڏي وزير سان ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽو, ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.