پنجاب جي ضلعي لوڌران ۾ 3 هنڌن تي ڪالهه ئي عيد ٿي وئي

لاهور (م ڊ) ڪي پي سان گڏ پنجاب جي ضلعي لوڌران ۾ 3 هنڌن تي ڪالهه ئي عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ نمازين شرڪت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي گلي لڳائي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي، مقامي ذريعن موجب لوڌران جي ٽن هنڌن بستي پهوکر والا، بستي دوران والا پل ۽ چڪ 95 ايم ۾ عيدالفطر جا اجتماع منعقد ڪيا ويا جنهن ۾ لاهور سان تعلق رکندڙ مولانا فضل احمد چشتي جي پيروڪارن شرڪت ڪئي ۽ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي، مدرسي احمد رضا کوکر بستي دوران والا ۾ عيدالفطر جي نماز پڙهائيندڙ مفتي شاهد چيو ته علامه فضل چشتي ٻڌايو هو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 200 جي ويجهو شوال جو چنڊ نظر اچڻ جون شهادتون مليون هيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.