عيد تي مهانگائي جو طوفان، ليما 1200 رپيا ڪلو

ڪراچي (م ڊ) رمضان مهيني ۾ آيل مهانگائي جو طوفان عيد تي به رڪجي نه سگهيو، ڀاڄيون، مصالحا ۽ گوشت جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا.ڪراچي ۾ ميون کان پوءِ سبزي جون قيمتون وڌي ويون، ليمو عيد کان هڪ ڏينهن اڳ 800 رپين مان 12 سئو رپيا في ڪلو تي پهچي ويو.لاهور ۾ به عيد کان هڪ ڏينهن اڳ سبزي جي قيمتن ۾ 20 کان 30 رپيا  في ڪلو واڌ ٿي وئي.ديسي ليمي ته سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جيڪو هڪ ڪزار رپيا في ڪلو  ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. 80 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿيندڙ بصر 100 رپيا ۽ 60 رپيا في ڪلو ٽماٽو به 100  ٿي ويو.ادرڪ 280 جڏهن ته ٿوم 250 رپيا في ڪلو  ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.گوشت جي قيمت ۾ به 200 کان 300 رپيا في ڪلو اضافو ٿي ورو.ڪڪڙ جو گوشت 340 کان 380 رپيا، وڏو گوشت 900 رپيا ۽ ٻاڪرو گوشت 1700 رپيا في ڪلو ۾ دستياب آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.