امڪاني طوفاني برساتن سبب ايڌي فائونڊيشن جو سامونڊي يونٽ الرٽ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ ايڌي فائونڊيشن جو بحري يونٽ الرٽ ٿي ويو، موسميات کاتي طرفان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ تيز ۽ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڏسندي ايڌي فائونڊيشن پنهنجي بحري خدمتن جي يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي، ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب موسميات کاتي طرفان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ برساتن جي اڳڪٿي کي ڏسندي ٻيڙيون به ايڌي فائونڊيشن جي ٽاور تي موجود هيڊ آفيس پهچايون ويون آهن، ترجمان ٻڌايو ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايڌي فائونڊيشن شهري انتظاميا سان گڏ ۽ شهرين جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.